حفصه رضه

حفصه رضه: ام المؤمنين حضرت حفصه، رضه حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جي چوٿين گھر واري هئي، جيڪا بيبي عائشه رضه کانپوءِ سندن نڪاح ۾ آئي. هيءَ حضرت عمر فاروق رضه جي ڌيءَ هئي، بيبي حفصه رضه هجرت کان ارڙهن سال اڳ پيدا ٿي. هجرت کان اڳ پاڻ حضرت خنيس بن خدافه جي نڪاح ۾ هئي. ٻنهي زال مڙس گڏجي اسلام قبول ڪيو. سندس مڙس خنيسرضه بدر جي جنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد مديني ۾ شهادت ماڻي، جڏهن ته حافظ ذهبي ابن حجر ۽ ابن البر مطابق خنيسرضه سن 3 هجريءَ ۾ احد جي جنگ ۾ شهيد ٿيو ۽ انهيءَ سال ئي بيبي حفصه رضه رسول پاڪ جي نڪاح ۾ آئي. بيبي حفصه رضه رسول پاڪ صلي الله عليه وآلھ وسلم جي وصال کانپوءِ مديني منوره ۾ ئي رهي ۽ 45هه ۾ وفات ڪيائين. سندس جنازي نماز مديني جي والي مردان بن الحڪم پڙهائي. کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ حفصه رضهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو